رشيد علي وارثي

رشيد علي وارثي: رشيد علي ولد عبدالقادر وارثي ان دور جو مصور آهي، جڏهن نقاشي، مصوري يا فائن آرٽس جو ڪو خاص رجحان نه هو. انهيءَ دور ۾ هن جاکوڙي آرٽسٽ ۽ مصور لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ذوالفقار علي ڀُٽي جي همت افزائيءَ سان 1953ع ڌاري ’فائن آرٽس سوسائٽيءَ‘ لاڙڪاڻي جو بنياد وڌو. ڪمشنر آءِ آءِ امتيازي ۽ اظهارالحق جي مدد سان فائن آرٽس سوسائٽيءَ جي پليٽفارم تان هن ڪيتريون نمائشون ڪرايون، جن سان لاڙڪاڻي ۾ مصوريءَ جي آرٽ ڏانهن ماڻهن جو ڌيان وڌڻ لڳو. انهن نمائشن ۾ رشيد وارثيءَ جي فن پارن جو پڻ نماءُ ڪيو ويو هو، جن تي کيس بهترين موٽ ملي ۽ هن انهن پينٽنگن تي ڪيترا انعام اڪرام حاصل ڪيا. وارثي لاڙڪاڻي جي انهن چند مصورن مان هو، جن لاڙڪاڻي ۾ باضابطه طور فنِ مصوريءَ جي فروغ لاءِ ڪوششون ورتيون ۽ ڪافي حد تائين ڪاميابيون ماڻيون.


لفظ رشيد علي وارثيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو